SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بالشويڪ انقلاب


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


بالشويڪ انقلاب

Bolshevik Revolution

بالشويڪ ريوليشن

25 آڪٽوبر 1917ع ۾ روس منجهه آيل بالشويڪ يا ”عظيم آڪٽوبر ڪميونسٽ انقلاب“ ڪميونسٽ اڳواڻ ولادي مير لينن (1924ع -1870ع)۽ سندس ساٿين جي اڳواڻيءَ ۾ برپا ٿيو. اِن انقلاب کي روس جي ٻين سياسي حلقن دل سان قبول نه ڪيو، جنهنڪري 1917ع کان 1922ع تائين ملڪ ۾ گهرو لڙائي هلندي رهي. ان لڙائيءَ جو خاتمو 1922ع ۾ سوويت يونين جي وجود ۾ اچڻ سان ٿيو. پهرين عالمي جنگ دوران روس معاشي طور تي تباهه ٿي چڪو هو، جنهن ڪري فوج ۽ عوام سميت هر طبقو تڏهوڪي روسي شهنشاهه نڪولس ٻئي جي حڪومت ۽ وزير اعظم ڪيرنسڪي منجهان سخت بيزار هو. روس جي ڪميونسٽن انهيءَ بحُراني صورتحال جو فائدو وٺندي، جرمن مُفڪر ڪارل مارڪس جي فڪر منجهان اخذ ڪيل سياسي نظام پُرتشدد انقلاب ذريعي پهريون دفعو دنيا جي هڪ علائقي اندر لاڳو ڪيو. بالشويڪ خود ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اهو گروهه هو، جيڪو جمهوري تبديليءَ بدران پرتشدد طريقي سان انقلاب آڻڻ جو حامي هو. انقلاب کانپوءِ ولادي مير لينن ڪميونسٽ حڪومت جو سربراهه ٿيو ۽ سندس اڻٿڪ ڪوششن سان تباهه حال روس دنيا جي عظيم سياسي ۽ فوجي طاقت بڻجي اُڀريو. جيئن ته لينن جو لاڳاپو به ڪميونسٽ پارٽيءَ جي بالشويڪ گروپ سان هو، تنهڪري آندل انقلاب مٿان به اهو نالو مشهور ٿيو


Remember Me Also:

عقر قرحو

ذ. ع. پسارڪي وکر جو هڪ قسم ، ڏندن جي سُور جي هڪ دوا ، عاقر قرحو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal